جان محمد جمالي

جان محمد جمالي

جان محمد جمالي

جان محمد جمالي (استاد اڳواڻ): پرائمري استاد اڳواڻ، ماهر تعليمدان ۽ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن (پ. ٽ. الف) جي باني صدر، جان محمد خان جمالي ولد خان جمالي'>جعفر خان جمالي، 1916ع ۾ ڳوٺ ’ڳنڍي جماليءَ‘ لڳ چوهڙ جمالي، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. سندس والد غريب ۽ مسڪين ماڻهو هو. جنهن کيس پرائمري تعليم لاءِ ’مدرسه دارالفيوض‘ سجاول ۾ داخل ڪرايو. مدرسي جو مهتمم حاجي عبدالرحيم شاهه هو. جيڪو سندس غربت ۽ هوشياريءَ جي ڪري، کيس گهڻو ڀائيندو هو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي سندس هم ڪلاسي هو. هن پرائمري تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪئي. ان بعد مزاحمتي شاعر محمد خان مجيديءَ جي خواهش تي فائينل جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد آيو، جتي مرحوم علي خان ابڙي (ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر) سندس ذهانت ۽ هوشياريءَ کان متاثر ٿي، کيس پرائمري ماستريءَ جو آرڊر ڏنو. ماستري ملڻ کان ترت پوءِ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ کيس تربيت لاءِ چونڊيو ويو. ٻن سالن جي تربيت مڪمل ڪرڻ بعد سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. ٽريننگ پوري ڪرڻ کانپوءِ پي. سي اسڪول حيدرآباد ۾ مقرر ٿيو. نومبر 1951ع ۾ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن (پ. ٽ. الف) جو بنياد رکي، ان کي رجسٽرڊ ڪرايائين ۽ تنظيم کي تعليم کاتي وٽ منظور به ڪرايائين. اهڙيءَ طرح هن تنظيم جو باني ۽ پهريون صدر چونڊجي ويو. زندگيءَ جي آخر تائين ان جو صدر رهيو. هن جي دور (1950ع ۽ 1970ع) ۾ پ. ٽ. الف جون ٻه وڏيون ڪامياب تحريڪون هليون. سندس دوستن جي حلقي ۾ حبيب الله ڀٽو شڪارپوري، مير رسول بخش خان ٽالپر،خان ٽالپر'> مير علي احمد خان ٽالپر، قاضي محمد اڪبر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، محمد هاشم گذدر، حيدر بخش جتوئي، نذير حسين جتوئي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مير خان جمالي'>جعفر خان جمالي ۽ ٻيا ڪيترا نالي وارا ماڻهو اچي وڃن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ، سنڌيءَ ۾ ووٽرن لسٽن ٺاهڻ ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ مولانا غلام محمد گرامي، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪيائين. کيس قُدرتي طور تقرير جو فن حاصل هو. سندس تقرير ماڻهن تي ڇانئجي ويندي هئي. سنڌ جي ڏاهن ۽ اديبن جو بيحد قدردان هو. مغربي پاڪستان حڪومت ۾ جڏهن ايئر مارشل نور خان ملڪ ۾ تعليمي پاليسي ٺاهڻ لاءِ ماهرن سان ڪراچي، حيدرآباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ملاقاتن جو پروگرام رکيو، ۽ ان موجب نُور محمد اسڪول حيدرآباد جي وڏي هال ۾ گڏجاڻيءَ جو بندوبست رکيو ويو ته محترم جان محمد خان جماليءَ کي به اجلاس ۾ گهرايو ويو. اجلاس ۾ نور خان تعليمي پاليسيءَ بابت تجويزون طلب ڪيون. سمورن حاضر ماڻهن انگريزيءَ ۾ تقريرون ڪيون. پر جمالي صاحب اردوءَ ۾ وزندار نموني پنهنجون تجويزون پيش ڪري، نور خان کي حيران ڪري ڇڏيو. ايتريقدر جو نورخان جي طرفان تعليمي پاليسيءَ ۾ جمالي صاحب جي تجويزن کي به شامل ڪيو ويو. جمالي صاحب جي بيباڪ اڳواڻيءَ جي ڪري سنڌ جي استادن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن کيس ’قائدِ استاد‘ جو خطاب ڏنو. هن مير جعفر خان جماليءَ جي سرپرستي ۾ ’تنظيم تحريڪ جمالي‘ به وجود ۾آندي، جيڪا سندس تجويزن ۽ مشورن سان منظم ۽ متحرڪ رهي. ’تنظيم جمالي‘ نالي، هڪ هفتيوار اخبار حيدرآباد پڻ جاري ڪيائين.
ون يونٽ خلاف ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد اڳواڻن جي رهنمائي ۽ حوصله افزائي ڪرڻ ۾ جمالي صاحب جو اهم ڪردار هو. ان وقت جا شاگرد اڳواڻ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، ڄام ساقي، لالا قادر، مسعود نوراني، اقبال ترين، غلام محمد ساريو ۽ ٻيا قومي سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، جمالي صاحب کان رهنمائي حاصل ڪندا هئا. سندس لاڙو انقلابي عالمن طرف به گهڻو هو. هــو نه رڳــو مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حسين احمد مدني ۽ علامه مشرقيءَ جي اصول پسنديءَ، پر پنهنجي سوچ ۽ نظريي سان سچو رهيو. هو استادن کي ڊيوٽيءَ جو پابند رهڻ ۽ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ڳالهه تي زور ڀريندو هو. هو خود به اسڪول ڊيوٽيءَ جو پابند رهيو. بخار ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ به اسڪول ضرور ويندو هو. جمالي صاحب 26 آڪٽوبر 1974ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه، حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف قبرستان ۾ آهي. جمالي صاحب جي نالي پُٺيان، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد سان لاڳو پي. سي اسڪول منسوب آهي.


لفظ جان محمد جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.10.26  عيسوي

پرائمري استاد اڳواڻ، ماهر تعليمدان ۽ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن (پ. ٽ. الف) جي باني صدر، جان محمد خان جمالي ولد جعفر خان جمالي، 1916ع ۾ ڳوٺ ’ڳنڍي جماليءَ‘ لڳ چوهڙ جمالي، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. 26 آڪٽوبر 1974ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه، حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيريڪلس
ال ادريسي
دائود مخدوم
راڻو رتن سنگهه
شورو ڄام خان
علڻ خان رئيس
سلمان طاهرعلامه
حڪيم محمد سعيد
بشير احمد لغاري فقير
شيخ محمد ابراهيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون